ريڻي ڪئنال

ريڻي ڪئنال: سنڌو درياهه جو صاف ۽ شفاف پاڻي، سنڌ جي سرزمين کي صدين کان سيراب ڪندو اچي. سنڌو درياهه، مانسرور ڍنڍ پار ڪري، هماليه جبلن سان ٽڪرائجي، ڪشمير جي خوبصورت ٽڪرين کي ڇهندو 1700 ميلن جو سفر ڪري وڃي ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ساڳئي درياهه تي سکر جي ويجھو، بچل شاهه مياڻيءَ وٽ 1933ع ۾ هڪ پل تعمير ڪرائي وئي، جنهن جو نالو لائيڊ بيراج رکيو ويو. انهيءَ حوالي سان گڊو بئراج به قائم ٿيو، جنهن سان سنڌ جون خشڪ ۽ بنجر زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. گڊو بئراج جي تمام ويجھو ’ريڻي ڪئنال‘ ٺاهڻ جو منصوبو بنايو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته هن ڪئنال جي ٺهڻ سان 32416 ايڪڙ وارياسي زمين آباد ٿي سگھندي. اصل ۾ هن ڪئنال جو نالو، سنڌ جي قديم نديءَ ’ريڻيءَ‘ جي حوالي سان تجويز ڪيو ويو هو. اها ندي قديم دؤر ۾ به هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ هئي. تاريخدانن جي راءِ ۾ ’ريڻي نديءَ‘ جا نشان اڃا تائين به موجود آهن. زرعي کاتي جي ماهرن جي خيال مطابق ’ريڻي ڪينال‘ پراڻي طرز تي تعمير ڪرڻ جو منصوبو بنايو ويو هو، پر پوءِ ان تي الائي ڇو عمل نه ٿيو.


لفظ ريڻي ڪئنالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو